حشو ڪيولراماڻي-نه وسرندڙ شخصيت

حشو ڪيولراماڻي-نه وسرندڙ شخصيت

حشو ڪيولراماڻي نه وسرندڙ شخصيت

حشو ڪيولراماڻي-نه وسرندڙ شخصيت (ڪتاب): هن ڪتاب جو ليکڪ برک اديب، مدد علي سنڌي آهي. هن ڪتاب ۾ ليکڪ، سنڌ جي مشهور دانشور حشمتراءِ ٽهلرام ڪيولراماڻي (1986ع-1914ع) بابت يادگيرين کي قلمبند ڪيو آهي. ڪتاب ۾ حشو ڪيولراماڻي جي ڀريا شهر واري جاءِ ۽ ڪراچي واري فليٽ جي فوٽن کان سواءِ حشوءَ جي هڪ يادگار تصوير به ڏنل آهي. هن ڪتاب جو مهاڳ هند جي اديب موهن گيهاڻيءَ لکيو آهي، جڏهن ته شوڪت حسين، موهن مدهوش ۽ رکيل مورائيءَ جا تاثرات پڻ شامل آهن. ڊيمي سائيز جي 88 صفحن تي مشتمل هي ڪتاب 2016ع ۾ ڪويتا پبليڪيشن حيدرآباد پاران شايع ٿيو. ڪتاب جي قيمت هڪ سئو روپيا آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو